اسلام آباد: پاڪستان وزارتِ پرڏيهي معاملن ترجمان نارووال ۾ واقع تاريخي اڈہ سراج مندر بابت ڀارتي حڪومت طرفان لڳايا ويل بي بنياد ۽ جعلي الزام سرسر رد ڪري ڇڏيا آهن. ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتن جون عبادتگاهون مڪمل محفوظ آهن ۽ حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر وقت عملي قدم کڻي رهي آهي.
سرڪاري ذريعن موج ڀارتي ميڊيا ۽ سرڪاري عهديدارن طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر بغير ڪنهن ثبوت جي من گھڙت پروپگنڊا شروع ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد خطي ۾ امن خراب ڪرڻ ۽ عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ آهي. پاڪستاني ترجمان چيو ته ملڪ اندر سڀني مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجي عقيدن موجب عبادت ڪرڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي ۽ اها رياست جي اولين ذميواري آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت کي پنهنجي ملڪ اندر مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي ٿيندڙ ظلمن، جبر ۽ مذهبي منافرت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي حڪومت جي اهڙن تعصباتي ۽ الزام تراشي وارنروين جو سخت نوٽيس وٺن جيڪي خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهيا آهن.
