او جي ڊي سي ايل کي بوبي آئل فيلڊ ۾ وڏي ڪاميابي، گيس جو وڏو ذخيرو دريافت

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٹڊ (OGDCL) سنڌ جي ضلعي سانگهڙ ۾ واقع بوبي آئل فيلڊ مان گيس ۽ ڪنڊينسيٽ جو نئون ۽ وس ذخيرو دريافت ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان موجب هن نئين کوٽائي ذريعي ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم کنيو ويو آهي، جنهن سان قومي ناڻي تي پڻ مثبت اثر پوندو.

ذريعن موجب بوبي فيلڊ ۾ ڪيل هن نئين کوٽائي دوران روزاني بنيادن تي وڏي مقدار ۾ گيس ۽ تيل حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن سان مقامي سطح تي گئس جي فراهمي بهتر ٿيندي. هي دريافت ملڪ اندر تيل ۽ گيس جيپيداوار وڌائڻ جي سلسلي ۾ هڪ وڏي ڪاميابي سمجهي پئي وڃي، جنهن تي اداري جي اعليٰ حڪام خوش جو اظهار ڪيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته نون ذخيرن جي دريافت سان ملڪ ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ صنعتي شعبي کي پڻ سهارو ملندو. او جي ڊي سي ايل (OGDCL) پنهنجي فني صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي هن منصوبي کي ڪامياب بنايو آهي، جنهن سان مستقبل ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم شروع ڪرڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي.