راولپنڊي/ڪراچي: اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) جي مصدقہ اطلاع تي بين الاقوامي سطح تي وڏي ڪارروائي ڪندي افغان منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ خطرناڪ بين الاقوامي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو ويو آهي. هن آپريشن ۾ سري لنڪن ۽ آمريڪي عملدارن پاران گڏيل طور تي اهم قدم هنيا ويا، جنھن جي نتيجي ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو وڏو رٿا بند حصو ناڪام بڻاي ويو.
ذريعن موجب، پاڪستان جي اين ايف اختيارين پاران مهيا ڪيل بروقت ۽ اهم معلومات بنيادي حيثيت رکي ٿي، جنهن جي روشنيءَ ۾ لاڳاپيل پرڏيهي ادارن پنهنجي علائقن ۾ فوري طور تي ڇاپا هنيا. هن گڏيل حڪمت عمليءَ تحت اسمگلرن جا لڪگاهه تباهه ڪيا ويا ۽ وڏي مقدار ۾ غيرقانوني سامان هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن سان خطي ۾ منشيات جي ڪاروبار کي سخت ڌڪ رسيو آهي.
پرڏيهي ۽ مقامي جاچ ادارن هن ڪامياب آپريشن کي منشيات جي خلاف عالمي جنگ ۾ هڪ ۽ تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن عزم ظاهر ڪيو آهي ته ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي جو سلسلو جاري رکيو ويندو.
