سرفراز احمد ۽ عمر گل کي هٽائڻ خلاف راشد لطيف جو سخت ردعمل، عاقب جاويد کي تنقيد جو نشانہ بڻايو

ڪراچي/لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽ جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) پاران سرفراز احمد ۽ عمر گل کي عهدن تان هٽائڻ جي نتيجي ۾ عاقب جاويد مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي. هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪرڪيٽ جي بهتري جي دعويٰ ڪندڙن اندروني سطح تي غلط يصلا ڪيا آهن، جنهن سان راند جو نقصان ٿي رهيو آهي.

راشد لطيف جو چوڻ هو ته سرفراز احمد ۽ عمر گل جهڙن تجربيڪار رانداڳرن ۽ ڪوچز جون خدمتون قومي ڪرڪيٽ لاءِ اهم هيون، پر کين بغير ڪنهن مناسب سبب جي ذميدارين کان هٽايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته عاقب جاويد ۽ ٻيا عهديدار پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي فيصلا ڪري رهيا آهن، جيڪو پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مستقبل لاءِ بلڪل مناسب ناهي.

هن وقت ڪرڪيٽ حلقن ۾ پڻ هن تبديلي تي وڏا سوال اٿاريا پيا وڃن ۽ ڪيترن ئي ماهرن جو خيال آهي ته بورڊ کي شفاف حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. شائقين پڻ سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي ناخوش جو اظهار ڪندي پي سي بي کان فوري طور تي وضاحت طلب ڪئي آهي ته جيئن اداري ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي.