لاهور: صوبائي راڄڌاني لاهور جي هڪ علائقي ۾ فليٽ تان 25 سالن جي ناري جي ڦاسي لڳل لاش برآمد ٿي آهي، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سخت سوڳ ۽ خوف واري فضا ڇائجي وئي آهي. اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار فوري طور تي موقعي تي پهچي ويا ۽ لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس اختيارين موجب متوفي ناري جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته لاش کي پوسٽ مارم لاءِ موڪليو ويو آهي ته جيئن موت جي حقيقي سببن جو پتو پئجي سگهي. ابتدائي جاچ دوران پوليس کي شڪ آهي ته اهو آپگهات جو واقعو آهي يا ڪنهن ماڻهو جو هٿ آهي، جنهن بابت هر ممڪن زاوئي کان تحقيق ڪئي پئي وڃي.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي فارنزڪ سائنس ايجنسي (PFSA) جي ٽيم پڻ فليٽ تان اهم آڱرين جا نشان ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ واقعي جي اصل حقيقت سامهون ايندي.
