باسٽيئر: سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽريئٽس ڌماڪيدار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينٽ لوشيا ڪنگز کي 137 رنسن جي وڏي تفاوت سان هارائي ڇڏيو. ميچ دوران پيٽريئٽس مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 235 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڪنگز جي سڄي ٽيم 13.5 اوورن ۾ رڳو 98 رنسن تي پويلين موٽي وئي.
اننگز جو مکيه محور داسن شانڪا جي تاريخ ساز بئٽنگ رهي، جنهن صرف 39 بالن تي سينچري اسڪور ڪري ڪيريبين پريميئر ليگ (CPL) جي تاريخ جي تيز ترين سينچري جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. شاناڪا آخري اوورن ۾ جارحاڻي راند کيڏندي 43 بالن تي 121 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 8 چوڪا ۽ 12 ڇڪا شامل هئا ۽ هو ناٽ آئوٽ رهيو.
وڏي هدف جي تعاقب ۾ سينٽ لوشيا ڪنگز جي بئٽنگ لائين مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي. جيرميا لوئس شاندار بالنگ ڪندي رڳو 10 رنسون ڏئي 5 شاندار وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ٽم سيفرٽ 50 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي. شاندار سينچري ۽ رڪارڊ ساز ڪارڪردگي تي داسن شاناڪا کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
