ملڪ سڄي ۾ پاسپورٽ آفيسن جا ڊليوري ڪائونٽر هفتي جي ڏينهن تي پڻ کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد: ملڪ سڄي جي پاسپورٽ آفيسن ۾ شهريارن کي سهولتون مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم قدم کڻندي ڊليوري ڪائونٽر هفتي جي ڏينهن تي پڻ کليل رکڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. هن نئين حڪمت عملي جو بنيادي مقصد پاسپورٽ حاصل ڪرڻ دوران عوام کي پيش ايندڙ تڪليفن جو خاتمو آڻڻ ۽ فوري خدمتون فراهم ڪرڻ آهي.

ڊائريڪٽر جنرل پاسپور اينڊ امگريشن موجب، هن وقت پاسپورٽ آفيسن ۾ شهرين جو رش تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جنهن جي ڪري ڊليوري جو عمل پڻ متاثر ٿي رهيو هو. ان مسئلي جي حل لاءِ هاڻي هفتي جي ڏينهن تي پڻ ڪائونٽر فعال رهندا، جتان شهرين کي انهن جا پاسپورٽ آساني سان ملي سگهندا.

هن فيصلي سان نه رڳو فنگر پرنٽ ۽ ڊليوري جو وقت بچندو پر آفيسن اندر رش ۾ پڻ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي. سڄي ملڪ جا لاڳاپيل اختيارين هدايتون جاري ڪري چڪا آهن ته هفتي جي ڏينهن تي عملدار پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندا.