ڊفينس تشدد واقعي جي جاچ مڪمل، ايس ايس پي ڪورنگي ذميوار قرار

ڪراچي: ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر عورت پاران ڀيڻ ۽ ڀاءُ مٿان تشدد واري معاملي جي جاچ رپورٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن جا تفصيل سامهون اچڻ کانپوءِ اهم انڪشاف ٿيا آهن. ذريعن موجب جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ضلعي ڪورنگي جي ايس ايس پي فدا جانوري کي هن سڄي معاملي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته متاثر خاندان خلاف داخل ڪيل ڪيس کي خارج ڪرڻ جي واضح سفارش پڻ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ضلعي ڪورنگي جي چئن پوليس اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن تحقيقاتي رپورٽ جي روشني ۾ ايس ايڇ او درخشان راشد علي، ايس آءِ عمران ۽ پوليس آفيسر آفتاب خلاف پڻ ضابطن جي خلاف ورزي جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. متاثر خاندان جي فرياد تي باقاعده ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جاچ ڪميٽي وڊيو ۾ نظر ايندڙ ٻن عورتن ۽ هڪ مرد خلاف پڻ ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

جاچ رپورٽ ۾ اهو پڻ واضع ڪيو ويو آهي ته ايس ايس پي ڪورنگي فدا جانوري طرفان هن نازڪ معاملي ۾ سخت انتظامي غفلت جو مظاهرو ڪيو تنهن ڪري کيس به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڊيو ۾ تشدد ڪندڙ سمورا ماڻهو ايس ايس پي فدا جانوري جا ويجها مائٽ آهن. هن تصديق ڪئي ته واقعي بابت شفاف جاچ ڪئي وئي آهي ۽ رپورٽ جي روشني ۾ سمورن ذميوارن خلاف ڪنهن به رعايت کانسواءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب، شفاف تحقيقاتي ڪميٽي طرفان تيار ڪيل هن رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سنڌ جي ايڊيشنل آءِ جي ڏانهن سمري موڪلي وئي آهي، جتان منظوري ملندي ئي ايندڙ ڏينهن ۾ قانوني قدم کنيا ويندا. عوامي حلقن ۽ سول سوسائٽي پاران هن واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيئن آئنده اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي