نون صوبن جي سازش کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو مڪاني نظام تي زور

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ ۾ حڪمران جماعت پ پ پاران سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي قيام خلاف قرارداد منظور ڪرڻ هڪ بهترين، وقتائتو ۽ اصولي قدم آهي. سنڌ جي وحدت، تاريخي حيثيت، ثقافتي سڃاڻپ ۽ جاگرافيائي سالميت بابت سنڌ جي عوام ۾ جيڪي خدشا موجود آهن، انهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اسيمبليءَ جي ايوان ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد ذريعي اهو واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته سنڌ جي انتظامي ۽ سياسي وحدت بابت ڪو به فيصلو سنڌ جي عوام جي مرضي ۽ اعتماد کانسواءِ قبول نه ڪيو ويندو. پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو قرارداد پاس ڪرڻ سان نون صوبن جي آواز کي هميشه لاءِ خاموش ڪري سگهجي ٿو؟ يقيناً نه، بلڪه ان لاءِ عملي قدم کڻڻ ضروري آهن.

حقيقت اها آهي ته ڪنهن به صوبي جي وحدت کي صرف ٻاهران خطرو ناهي پر اندروني ڪمزور حڪمراني، انتظامي ناڪامي، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ انصاف توڙي سهولتون نه ملڻ ڪري پڻ هوندو آهي. جيڪڏهن عوام کي پنهنجن بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سالن جا سال در در جا چڪر ڪاٽڻا پون، مڪاني ادارا بااختيار نه هجن ۽ شهرن توڙي ڳوٺن جا مسئلا حل نه ٿين، ته پوءِ انتظامي تبديليءَ جا نعرا آسانيءَ سان عوامي بحث جو حصو بڻجي سگهن ٿا. ان ڪري سنڌ حڪومت لاءِ هاڻي اصل امتحان شروع ٿيو آهي ته هوءَ بيڊ گورننس جي خاتمي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي.

مڪاني حڪومتن جو نظام هن سلسلي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي واقعي خودمختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مڪاني حڪومتن کي رڳو چونڊون ڪرائي نمائشي ادارا بڻائڻ بدران کين واضح قانوني، انتظامي ۽ مالي اختيار ڏيڻ گهرجن. ميئر، چيئرمين ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن کي پنهنجن علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ عملي اختيار، وسيلا ۽ ذميواري ڏني وڃي، جنهن سان عوام کي محسوس ٿئي ته سندن مسئلن جو حل نئين صوبي ۾ نه، پر موجوده نظام جي سڌاري ۾ آهي.