ڪراچي:
سنڌ جي اقتصادي مرڪز ڪراچي جي علائقي مھراڻ ٽائون ۾ ڪپڙي جي گودام ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب خوف ۽ حراس پڪڙجي ويو، جنھن تي فائئر برگيڊ جي عملدارن بروقت ڪارروائي ڪندي مڪمل ضابطو آڻي ورتو آھي. فائر برگيڊ ڪاتي جي ذريعن موجب، واقعي جي اطلاع ملندي ئي شھر جي مختلف فائر اسٽيشنز ڪان باھ وسائڻ لاءِ فائر فائٽر گاڏيون فوري طور تي واقعي واري ھنڌ روانيون ڪيون ويون، جن ڪلاڪن جي سخت محنت ڪانپوءِ باھ کي وڌيڪ پڪڙجڻ ڪان روڪي ورتو
ابتدائي رپورٽن موجب، گودام اندر وڏي تعداد ۾ ڪپڙو ۽ ٻيو سامان رڪيل ھو، جنھن سبب باھ تيزيءَ سان پڪڙجي ھئي مقامي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن فوري طور پھچي علائقي کي گھيري ۾ آندو تھ جيئن ڪنھن بھ قسم جي جاني نقصان ڪان بچي سگھجي ۽ امدادي ڪمن ۾ ڪا رڪاوٽ نھ اچي. خوشقسمتيءَ سان ھن حادثي ۾ ڪنھن بھ قسم جي جاني نقصان جي اطلاع ناھي ملي البت گودام ۾ رڪيل لڪين روپين جو ڪپڙو ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آھي.
فائئر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آھي تھ باھ لڳڻ جو اصل سبب اڃا تائين معلوم ناھي ٿي سگھيو، ان حوالي سان جاچ جو عمل جاري آھي شروعاتي طور اھو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي تھ باھ شارٽ سرڪٽ جي نتيجي ۾ لڳي آھي