ڊيموڪريٽ سينيٽر ڪرس مرفي ايران سان جاري ڇڪتاڻ ۽ فوجي ڪارروائي کي ’ننڍڙي ڳالهه‘ قرار ڏيڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ ڪرس مرفي چيو ته صدر ٽرمپ طرفان ايران جنگ کي معمولي نوعيت جو واقعو قرار ڏيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي ۽ هو حقيقت کان خطرناڪ حد تائين پري نظر اچي رهيا آهن.سينيٽر مرفي موجب هن تڪرار جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 18 آمريڪي فوجي مارجي چڪا آهن، جڏهن ته آمريڪي فوجي اڏن کي اربين ڊالرن جو نقصان پهتو آهي ۽ آمريڪا وٽ موجود ميزائلن جا ذخيرا به ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽجي ويا آهن.هن آمريڪا کي درپيش معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هارين جي ڏيوالپڻي جي شرح رڪارڊ سطح تي پهچي چڪي آهي، جڏهن ته عام آمريڪي خاندان تقريباً 5 ڊالر في گيلن جي حساب سان مهانگو پيٽرول خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
رس مرفي وڌيڪ چيو ته انهن سڀني مسئلن باوجود ايران اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ٿي اڀريو آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوال جي جواب ۾ ايران خلاف جاري ڪارروائي کي ’وڏي ڳالهه ناهي‘ يا ’ننڍڙي ڳالهه‘ قرار ڏنو هو، جنهن تي آمريڪي سياسي حلقن طرفان سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آه
