برمنگهم: پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ سڀاڻي برمنگهم جي ايجبسٽن گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو.
قومي ٽيم سيريز هارائي چڪي آهي، تنهن هوندي به وائٽ واش کان بچڻ لاءِ پاڪستان کي آخري ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ يا ميچ ڊرا ڪرائڻ لازمي هوندو.
ٽئين ٽيسٽ ۾ غازي غوري کي ٽيسٽ ڊيبيو ڪرائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عمران رندهاوا جي پليئنگ اليون ۾ شامل ٿيڻ ۽ صائم ايوب جي ٽيم ۾ واپسي جا به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.ايجبسٽن گرائونڊ تي پاڪستان جو رڪارڊ انتهائي خراب رهيو آهي. قومي ٽيم اڄ تائين هن ميدان تي هڪ به ٽيسٽ ميچ کٽي ناهي سگهي.پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ايجبسٽن ۾ هيل تائين 8 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ويون آهن، جن مان پاڪستان کي 5 ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته 3 ميچون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿيون.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته موجوده پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪنهن به رانديگر هن ميدان تي اڳ ٽيسٽ ميچ ناهي کيڏيو.ٻئي طرف ايجبسٽن جو ميدان پاڪستان جي موجوده ٽيسٽ ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم لاءِ خوش بختي جي علامت رهيو آهي. بابر اعظم هن گرائونڊ تي 4 ون ڊي ميچن ۾ 2 شاندار سينچرين سان گڏ 298 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي.
بابر اعظم 2019ع جي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف ايجبسٽن ۾ 101 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي هئي، جڏهن ته جولاءِ 2021ع ۾ ميزبان انگلينڊ خلاف هن 158 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي.
بابر اعظم گذريل ٽن سالن کان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سينچري جي انتظار ۾ آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا هو پنهنجي لاءِ خوش قسمت ثابت ٿيندڙ ايجبسٽن جي ميدان تي ڪيريئر جي ڏهين ٽيسٽ سينچري مڪمل ڪري سگهي ٿو ۽ نئين ٽيم سان گڏ آخري ٽيسٽ کٽي پاڪستان لاءِ نئين تاريخ رقم ڪري سگهي ٿو؟
