لاهور: پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عدالت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي وڌندڙ اگهن سبب عوام کي فوري طور تي رليف فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.
تفصيل موجب لاهور ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي مسلسل وڌندڙ قيمتن خلاف وڪيل اظهر صديق لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. درخواست ۾ حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ بار بار واڌ بابت سوال اٿاريا ويا آهن.
درخواستگذار جو موقف آهي ته صرف هڪ هفتي دوران پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپين کان وڌيڪ جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 25 رپين کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون خطي جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿي چڪيون آهن.درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته صرف عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن کي بنياد بڻائڻ ڪافي ناهي. حڪومت کي گهرجي ته عدالت آڏو في ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت جو مڪمل پرائس بلڊ اَپ ۽ قيمتون مقرر ڪرڻ جو فارمولو پيش ڪري، جيئن معلوم ٿي سگهي ته عوام کان في ليٽر ڪهڙي بنياد تي رقم وصول ڪئي پئي وڃي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي ۽ ان جو سڌو اثر عام ماڻهن، مزدورن، ڪاروباري طبقي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي تي پئجي رهيو آهي.عوام تي مهانگائي جو بار، ٽرانسپورٽرن پاران ٻيهر هڙتال جي ڌمڪيدرخواست ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو مڪمل پرائس بلڊ اَپ طلب ڪيو وڃي ۽ عوام کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ فوري رليف فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپين کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي. تازي واڌ کانپوءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 2 پئسا اضافو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پيٽرول 375 رپيا 82 پئسا في ليٽر ٿي ويو. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 28 پئسا اضافو ٿيڻ کانپوءِ ان جي قيمت 403 رپيا 32 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ تي عوام پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته آمدني ساڳي رهڻ باوجود پيٽرول، کاڌي پيتي جي شين، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين ضروري شين جا خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن. ڪجهه شهرين حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن قيمتون اهڙي طرح وڌنديون رهيون ته عام ماڻهو جي آمدني جو وڏو حصو پيٽرول جي خرچ ۾ هليو ويندو.
ٻئي طرف گڊز ٽرانسپورٽرن پڻ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب مال بردار گاڏين جي ڀاڙن ۾ وڌيڪ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي. ٽرانسپورٽرن روزانو بنيادن تي پيٽروليم شين جون قيمتون تبديل ڪرڻ واري فيصلي کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي.
ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي يقين ڏيارڻ تي ملڪ گير هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن حڪومت پاران ڪيل معاهدن تي عملدرآمد نه ٿيو ته پاڪستان بھر جا ٽرانسپورٽر ٻيهر ملڪ گير هڙتال تي وڃڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا.
