مظفرگڙھ ۾ آئس فيکٽري مان امونيا گيس ليکيج، شھري اسپتال منتقل.

مظفرگڙھ جي ھڪ مقامي آئس فيکٽري ۾ امونيا گيس لڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي، جنھن سبب آس پاس جي علائقي ۾ سخت خوف ۽ ھراس پھيلجي ويو ۽ ڪيترن ئي شھرين کي ساھھ کڻڻ ۾ سخت ڏکيائي جو سامنا ڪرڻو پيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي مقامي انتظاميا ۽ امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري ھنڌ پھچي وڃي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون.

ذريعن موجب، گيس جو اخراج ايترو تھ تيز ھو جو ان جو اثر فوري طور تي آس پاس جي آبادي تائين پھچي ويو. گيس جي تيز بوءِ سبب ڪيترن ئي ماڻھن کي ساھھ کڻڻ ۾ تڪليف، اکين ۾ ساڙھو ۽ الٽين جي شڪايت ٿي. فوري طور تي متاثر ٿيل شھرين کي ويجھن اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي، جتي کين طبي امداد فراھم ڪئي پئي وڃي.مريضن جي حالت خطري کان ٻاھر ٻڌائي پئي وڃي

واقعي بعد مقامي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن پڻ صورتحال جو جائزو ورتو آھي. ابتدائي رپورٽن موجب، فيکٽري ۾ حفاظتي انتظامن جي کوٽ سبب ھي حادثو پيش آيو آھي. انتظاميا طرفان فيکٽري جي مالڪن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آھي تھ جيئن معلوم ٿي سگھي تھ گيس کسڻ جو اصل سبب ڪھڙو ھو ۽ آيا فيکٽري وٽ مناسب حفاظتي لائسنس موجود ھو يا نھ.

علاقې جي عوام ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي تھ رھائشي علائقن ۾ اھڙين خطرناڪ فيکٽرين ۽ ڪارخانن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جن ن سان معصوم شھرين جي زندگ کي خطرو ھجي. شھرين جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن وقتسر قدم نھ ويا تھ وڏو جاني نقصان ٿي سگھي ٿو، تنھنڪري مستقبل ۾ اھڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.