حمزھ فرخ پاڪستان ڪلائيميٽ چينج اٿارٽي جا پھريان چيئرمين مقرر

اسلام آبادوفاقي حڪومت پاران ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن سان اثرائتي طريقي سان نببيرڻ ۽ ملڪ ۾ گرين ايس۔اي۔جي۔ ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ھڪ اھم قدم کڻندي حمزھ فرخ کي پاڪستان ڪلائيميٽ چينج اٿارٽي جو پھريون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آھي. ھن اھم عھدي تي مقرري ٻن سالن جي مدت لاءِ ڪئي وئي آھي، جنھن جو باضابطھ و نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي. نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ملڪ اندر ماحولياتي آگاھي ۽ پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجون خدمتون سر انجام ڏيندا

سرڪاري ذريعن ۽ پڌرائي موجب، حمزھ فرخ جو شمار ملڪ جي ممتاز ماحول دوست ۽ تجربيڪار ڪاروباري شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن کي ماحولياتي انتظاميا ۽ نئين ٽيڪنالاجي بابت وسيع تجزياتي ۽ عملي سڌ پڻ حاصل آھي. حڪومت کي اميد آھي تھ سندن مقرري سان ملڪ ۾ ماحولياتي تبديلين جي اثرات کي گھٽ ڪرڻ، ڪاربن جي اخراج کي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ بين الاقوامي معاھدن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ ۾ وڏي مدد ملندي.

موجودھ دور ۾ جڏھن پاڪستان دنيا جي انھن ملڪن ۾ شامل آھي جيڪي موسمياتي تبديلين کان سڀ کانڌيڪ متاثر ٿي رھيا آھن، اھڙي نازڪ وقت ۾ پاڪستان ڪلائيميٽ چينج اٿارٽي جي فعاليت انتھائي ضروري سمجھي پئي وڃي. نئون مقرر ڪيل چيئرمين اداري جي جوڙجڪ کي مضبوط ڪرڻ، لاڳاپيل اسيڪ ھولڊرز سان گڏجي ھڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ۽ آبھوا جي بھتري لاءِ نوان منصوبا شروع ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو، جنھن سان ملڪ جو مستقبل محفوظ بڻجي سگھندو.