ن موجب ڪسٽمز انفورسمينٽ جي عملدارن کي پنھنجي ذريعن کان ھڪ خاص اطلاع مليو ھو تھ سرحدي گذرگاھھ جي رستي قيمتي سونا غير قانوني طور تي ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنھن کان پوءِ ڪسٽمز ۽ ايف سي جي اھلڪارن گڏجي سرحدي علائقي ۾ سخت چيڪنگ ۽ پيٽرولنگ جو سلسلو شروع ڪيو. ھن سخت نگراني دوران ھڪ شڪي گاڏي ۽ اتان گذرندڙ ماڻھن جي سندن حڪمت عملي تحت تلاس ورتي وئي، جنھن دوران لڪايل ھن وڏي سون کي ھٿ ڪيو ويو. برآمد ڪيل سون جو وزن ڇھ ڪلوگرام کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي جنھن جي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت بڻجي ٿي محکمي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ اسمگلنگ جي ھن رِک ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ وڌيڪ جاچ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي. اختيارين جو چوڻ آھي تھ سرحدي علائقن ۾ غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن ۽ اسمگلرن خلاف بغير ڪنھن رعايت جي سخت قدم کڻڻ جو سلسلو اڳتي بھ جاري رھندو. ملڪ ۾ پرڏيھي ناڻي جي کوٽ ۽ معاشي مشڪلاتن جي پس منظر ۾ سون ۽ ٻين قيمتي شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ کذائي ۽ سيڪيورٽي ادارن پنھنجي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو آھي.
