سائبر ڪرائم نيٽ ورکس خلاف کريک ڊاؤن مزيد تيز ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت ملڪ اندر آن لائن مالي فراڊ، ھراساني ۽ منظم سائبر ڪرائم نيٽ ورڪس خلاف ڪريڪ ڊائون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو سخت ۽ اھم فيصلو ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ وفاقي وزارتِ داخلا ۽ لاڳاپيل ادارن پنھنجي حڪمت عملي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ھدايت جاري ڪري ڇڏي آھي، جنھن جو مقصد عام واھپيندڙن جي ڊجيٽل تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ قانون حڪمراني کي ھر صورت ۾ قائم رکڻ آھي.ذريعن موجب وفاقي وزير داخل محسن نقوي نيشنل سائيبر ڪرائم انويسٽي شن ايجنسي NCCIA سينٽرل زون ھيڊ ڪوارٽرز لاھور جو تفصيلي دورو ڪيو. ھن دوري دوران وفاقي وزير اتي موجود اعليٰ آفيسرن سان اھم ملاقات ڪئي ۽ ھڪ خصوصي اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ اندر وڌندڙ آن لائن فراڊ، جعلي ڪالن، سم اسوافنگ ۽ ٻين برقي ڏکن جي روڪٿام لاءِ ھاڻوڪن قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تھ عوام کي سوشل ميڊيا ۽ آن لائن پليٽ فارمز ذريعي جعلسازي جو شڪار بڻائيندڙ گروھھ فعال آھن، جن خلاف ھاڻي سائنسي بنيادن تي وڏاآپريشن شروع ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير داخلھ واضح ڪيو تھ سائبر مجرمن سان نرم برتاءُ نھ ڪيو ويندو ۽ انھن جي ناپاڪ ارادن کي مڪمل طور تي ناڪام بڻايو ويندو.

آخر ۾، وزير داخلھ اين سي سي آءِ اي جي فني صلاحيتن کي وڌيڪ جديد بڻائڻ، عملي جي تربيت ۽ جديد ترين آلات جي فراھمي لاءِ فوري فنڊز جاري ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي آھي. ھن زور ڏنو تھ ڊجيٽل پاڪستان جي وژن تحت شھرين جو ذاتي ڊيٽا محفوظ رکڻ ۽ انھن جي مالي وسيلن کي بچائڻ رياست جي اولين ذميواري آھي، جنھن تي ڪڻڪ يا ڪوتاھي برداشت نھ ڪئي ويندي.