وارسا/اسلام آباد:پولينڊ جي شھر اوسٽروليڪا جي ھڪ ھاءِ اسڪول ۾ چاقوءَ سان حملا ڪري 7 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو، جن مان ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اختيارين موجب، 19 ورھين جي ھڪ نوجوان اسڪول اندر شاگردن تي حملو ڪري کين شديد زخمي ڪري وڌو.
پوليس موجب، حملو ڪندڙ نوجوان کي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو آھي. پوليس ترجمان ٻڌايو تھ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ سمورن زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جتي کين ايمرجنسي علاج فراھم ڪيو پيو وڃي.
اوچتو پيش آيل ھن خوني واقعي کانپوءِ شاگردن ۽ سندن والدين ۾ سخت خوف ۽ ڳڻتي پکڙجي وئي آھي. اسڪول ۽ علائقائي انتظاميا واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ھنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آھي.
پوليس موجب، گرفتار جوابدار جي پسمنظر ۽ حملي جي اصل سببن جو پتو لڳائڻ لاءِ پڇا ڳاڇا جاري آھي، جڏھن تھ ناخوشگوار واقعي کانپوءِ اسڪول ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آھن.