پاڪستان پاران روسي زرعي ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد:پاڪستان پاران ملڪ اندر روسي جديد زرعي ٽيڪنالوجي جي استعمال لاءِ نيون راھون کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت ھيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ زرعي تحقيق، معياري ٻجن جي فراھمي ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ باھمي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اجلاس ۾ روس جي مشھور ايگرو ڪيميڪل ڪمپني ”شيلڪووو ايگروڪم“ (Schelkovo Agrohim) جي وفد شرڪت ڪئي، جنھن ۾ روسي سفارتخاني جو سيڪنڊ سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ھئا. ملاقات دوران جديد زرعي ٽيڪنالوجي جي منتقلي، تحقيق ۽ گڏيل منصوبن جي شروعات تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي وزير رانا تنوير حسين ڳالھائيندي چيو تھ پاڪستان کي زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جي اشد ضرورت آھي، ۽ روس سان سھڪار سبب پاڪستان جي زرعي تحقيق ۾ ترقيءَ جا نوان دڳ کلندا. ھن واضح ڪيو تھ حڪومت ترجيحي بنيادن تي زرعي سڌارن تي ڪم ڪري رھي آھي، جنھن سان مقامي سطح تي غذائي تحفظ يقيني ٿيندو ۽ بين الاقوامي معيار جي پيداوار حاصل ٿي سگھندي.
روسي وفد پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالوجي مٽاسٽا ۾ گھري دلچسپي جو اظھار ڪندي تعاون لاءِ تجويزون پيش ڪيون. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ٻنھي ڌرين زرعي شعبي کي جديد خطوط تي استوار ڪرڻ لاءِ ڊگھي مدي واري ڀائيواري جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.