راولپنڊي: اسپتال ۾ شارٽ سرڪٽ، نرسري وارڊ ڌوئيں سان ڀرجي ويو

راولپنڊي:
راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتال جي نرسري وارڊ ۾ بريڪر شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب تيز ڌوئون پکڙجي ويو، جنھن ڪري ٿرٿلو مچي ويو. اسپتال انتظاميا موجب، عملي فوري طور ڪارروائي ڪندي صورتحال تي ضابطو آندو.
اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر موجب واقعي بعد فوري طور تي نرسري ۾ داخل سمورن ٻارڙن کي باحفاظت ٻئي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي بروقت قدم کڻڻ سبب ٻارڙا محفوظ رھيا ۽ کين ڪو بھ نقصان نھ پھتو.
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آھي تھ اھڙن واقعن کان بچڻ لاءِ اسپتال اندر حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا پيا وڃن ۽ سمورن برقي نظامن جي مڪمل ٽيڪنيڪل چڪاس شروع ڪئي وئي آھي تھ جيئن مستقبل ۾ ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نھ اچي. انتظاميا پڪ ڏياري تھ اسپتال ۾ طبي سھولتون بنا ڪنھن رڪاوٽ جي جاري آھن.