30 اپريل تائين عمران خان مٿان هڪ ٻيو حملو ٿي سگهي ٿو: شيخ رشيد

لاهور: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ ڏئي يا استعيفيٰ ڏئي گهر روانو ٿئي. 30 اپريل تائين عمران خان مٿان هڪ ٻيو به حملو ٿي سگهي ٿو.اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار رکي ٿو. صدر عارف علوي کي چوان ٿو ته سڀاڻي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري يا استعيفيٰ ڏئي گهر روانو ٿئي.شيخ رشيد چيو ته ملڪ کي بحران ڏانهن ڌڪڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جو اهم ڪردار آهي. خواجه آصف پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي چڪو آهي. هي اڳ چوندا هئا ته ملڪ کي ڊيفالٽ چوندڙ غدار آهي.هن چيو ته مريم نواز چيو هو ته منهنجي حڪومت ناهي، پوءِ اها پاڻ ئي ٻڌائي ته هن وقت ڪنهن جي حڪومت آهي؟ صوبن ۽ مرڪز جون چونڊون گڏ ٿينديون. شيخ رشيد چيو ته پنهنجو اڌ سامان جيل ۾ ڇڏي آيو آهيان، عمران خان جڏهن چوندو ته سڀني کان پهريان مان گرفتاري ڏيندس.شيخ رشيد چيو ته مون پهريان ئي ايف آءِ آر لکرائي ڇڏي آهي ته آصف زرداري سميت 5 منهنجا جوابدار هوندا گرفتاري ۽ ضمانت کان پوءِ هڪ نئون شيخ رشيد سامهون آيو آهي. شيخ رشيد چيو ته پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين جون قيمتون وڌائڻ باوجود آءِ ايم ايف هنن سان خوش ناهي، انهن کي خبر آهي ته هي سڀ چور آهن. قوم کان پڇان ٿو ته 10 مهينا گذري ويا نوازشريف ڇو ملڪ واپس نه پيو اچي. هي عمران خان سان چونڊون وڙهڻ جي لاءِ تيار ناهن.