ڪراچي: ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب سون جو اگهه 45 ڏينهن جي ننڍڙي وقت دوران 40 هزار رپيا في تولو واڌ سان جنوري 2023ع جي آخر تائين 2 لک ساڍا 10 هزار رپين تائين پهچي ويو هو.پاڪستاني ڪرنسي جي قميت کي لهندو ڏسي پهريان ماڻهو ڊالر ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا هئا، جڏهن پرڏيهي ڪرنسي مارڪيٽ مان غائب ٿي ته سون خريد ڪرڻ لڳا آهن.هڪ واپاري ٻڌايو آهي ته پاڪستانين جي سون ۾ ٿورڙي مدي لاءِ سيڙپڪاري هئي، هاڻي قميت 2 لک ساڍا 10 هزار رپين کان مٿي نه ويندو.افواهن جي ڪري هاڻي به ماڻهو 2 لک رپيا سون خريد ڪري رهيا اهن، سون خريد ڪندڙ هاڻي ان کي پاڻ وٽ رکندا، قميت لهڻ سان نقصان ۾ وڪرو نه ڪري سگهندا.