ڊيزل مهانگو ٿيڻ بعد گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان، هڙتال جي ڌمڪي

ڪراچي:
 پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ڊيزل جي قيمتن ۾ تازي واڌ کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ ملڪ گير هڙتال جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي.

پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشنن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته گذريل 10 ڏينهن دوران ڊيزل جي قيمت ۾ 65 رپيا في ليٽر واڌ ٿي آهي، جنهن سبب موجوده ڀاڙن تي ٽرانسپورٽ هلائڻ ممڪن نه رهيو آهي.

هن چيو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته پوري ملڪ جون ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشنون هڪ ئي موقف تي متفق آهن ۽ حڪومت کان پٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪن ٿيون.

ملڪ شهزاد اعواڻ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ته ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن اندر ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪيو ويند