سکر: بئراج ڪالوني جي رهواسي سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خلاف سنگين الزام آهن، ان سلسلي ۾ فاروق احمد ڀٽو چيو ته ٻه مهينا اڳ 24 نومبر تي اسان جو سمورو ڪٽنب مائٽن جي هڪڙي شادي جي سلسلي ۾ گهر کان ٻاهر ويل هو، 28 نومبر تي واپس گهر آياسين ته گهر اندر الماڙيون ڀڳل هيون ۽ انهن ۾ پيل 22 تولا سون ۽ 2 لک 12 هزار روڪ رقم چوري ٿيل هئي، جنهن جي اسان دانهن لانچ موڙ پوليس چوڪي تي ڏني، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار راجا پٽ زين جتوئي کي گرفتار ڪيو، جنهن پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، جنهن جي اعترافي بيان وارو ويڊيو پڻ موجود آهي، پوليس ڄاڻايل جوابدار وٽان 6 تولا سونا زيور ۽ هڪ لک 32 هزار رپيا واپس ڪرايا، پوليس باقي 16 تولا سونا زيور ۽ 80 هزار رقم واپس ڪرائڻ بنا ئي گرفتار جوابدار راجا جتوئي کي ڇڏي ڏنو آهي، هاڻي پوليس جوابدار خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٻن مهينن کان اسان ٿاڻي ۽ ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر انصاف نٿو ڪيو وڃي، هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ايف آئي آر داخل ڪري سندن چوري ٿيل رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي.