جمعي جي رات پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ٿي وئي آهي پر صارفين کي سوشل ميڊيا سائٽس استعمال ڪرڻ ۾ ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پي ٽي اي ان حوالي سان چيو آهي ته اڃان تائين سوشل ميڊيا جي بحالي جون هدايتون نه مليون آهن. حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس محدود ڪري ڇڏي هئي. انٽرنيٽ جي بندش سبب 3 ڏينهن دوران آءِ ٽي سيڪٽر کي 10 ارب روپين جو نقصان ٿيو جڏهن ته ٽيليڪام سيڪٽر کي اڍائي ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. ٽيليڪام انڊسٽري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ٽيڪس آمدني ۾ تقريبن 86 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو.