ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (PSX) ۾ غير معمولي تيزي جو سلسلو جاري آھي، جتي موجودھ مالي سال جي پھرين ٽماھي دوران سيڙپڪارن جي انگ ۾ 55 سيڪڙو نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آھي. تازي اضافي کان پوءِ مارڪيٽ ۾ رجسٽرڊ سيڙپڪارن جو ڪل انگ 6 لک 56 ھزار کان بھ وڌي ويو آھي.
رپورٽ موجب، گذريل مھيني دوران مقامي ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن جو اسٽاڪ ايڪسچينج تي ڀروسو وڌيڪ مضبوط ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ سرماياڪاريءَ جي رجحان ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي. مالي ماھرن ان پيش رفت کي ملڪي معيشت لاءِ خوش آئند قرار ڏيندي چيو آھي تھ نوجوان سيڙپڪارن جي ڀرپور شرڪت مارڪيٽ ۾ نئين جان وجھي ڇڏي آھي، جنھن جا اثر مستقبل جي معاشي استحڪام تي نمايان نظر ايندا.
ماھرن موجب، حڪومتي معاشي سڌارن ۽ اثرائتن قدمن سبب سرماياڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آھي. ھنن سيڙپڪارن کي مشورو ڏنو آھي تھ مارڪيٽ جي غير يقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪمت عمليءَ سان ڊگھي مدي واري سيڙپڪاري کي ترجيح ڏين.