ايل پي جي گئس جا اگھھ

ايل پي جي گئس جا اگھھ وڌڻ سبب مھانگائيءَ جو نئون طوفان

اسلام آباد: ملڪ ۾ ايل پي جي گئس جا اگھھ وڌڻ سان ئي مھانگائيءَ جو نئون طوفان اُٿي کڙو ٿيو آھي. اٽي، گوشت، ڀاڄين ۽ دالن سميت واھپي جي سمورين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي. ڪيترن ئي شھرن اندر اٽي ۽ دالن جا اگھھ 50 روپين تائين وڌي ويا آھن، جڏھن تھ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمتن کي بھ پر لڳي ويا آھن.
ماھرن موجب، ايل پي جي گئس مھانگي ٿيڻ جو سڌوسنئون اثر روزاني واھپي جي شين تي پيو آھي، جنھن ڪري عام واھپيدار سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن. خاص ڪري پورھيت ۽ محدود آمدني وارا طبقا شديد مالي دٻاءُ ھيٺ اچي ويا آھن. روزمرھ جي استعمال واريون شيون مھانگيون ٿيڻ سبب ڀاڄين ۽ ميون جا اگھھ بھ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آھي تھ عالمي منڊيءَ ۾ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ اٿل پٿل سبب ايل پي جي جا اگھھ وڌيا آھن، جڏھن تھ مقامي مارڪيٽ ۾ رسد (سپلائي) جي کوٽ بھ قيمتن ۾ واڌ جو وڏو ڪارڻ بڻي آھي. ٻئي پاسي شھرين ۽ معاشي تجزيھ نگارن جو چوڻ آھي تھ حڪومت کي ھٿ وٺي پيدا ڪيل مھانگائي کي روڪڻ ۽ عوام کي رليف فراھم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گھرجن.
ھوڏانھن عوامي نمائندن، واپاري اڳواڻن ۽ سماجي تنظيمن پاران مھانگائيءَ خلاف سخت احتجاج ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آھي تھ اگھن تي سختي سان ضابطو آڻڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتيون حڪمت عمليون جوڙيون وڃن، جيئن عام ماڻھو کي ھن مالي بحران مان ڪجھھ ڇوٽڪارو ملي سگھي.