ايل پي جي جي آمد

ايل پي جي جي فراھمي: 2 بحري جھاز پاڪستان پھچي ويا

اسلام آباد:
ملڪ ۾ ايل پي جي (LPG) جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ گيس سان ڀريل 2 بحري جھاز پاڪستاني بندرگاھھ تي پھچي ويا آھن، جنھن سان گئس جي رسد بھتر ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آھن. بحري جھازن جي آمد سان صارفين کي رليف ملڻ جي اميد پيدا ٿي آھي، خاص طور تي اھڙي وقت ۾ جڏھن لوڪل مارڪيٽ ۾ گئس جي اگھن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي.
مارڪيٽ ذريعن موجب ملڪ ۾ ايل پي جي جي طلب وڌي رھي ھئي، جنھن ڪري ھٿرادو کوٽ ۽ قيمتن ۾ واڌ سبب عام واھپيدار سخت پريشان ھئا. امپورٽ ٿيل گئس جي ان تازي ذخيري پھچڻ بعد لوڪل منڊيءَ ۾ گئس جي دستيابي بھتر ٿيندي ۽ سپلاءِ تي پيل دٻاءُ گھٽجي ويندو.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آھي تھ نئين گئس اسٽاڪ پھچڻ سبب کليل منڊيءَ ۾ قيمتن ۾ استحڪام ايندو ۽ اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان کانسواءِ مارڪيٽ ۾ ايل پي جي جي اڻاٺ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ کي روڪڻ لاءِ پڻ خاص انتظامي قدمن تي غور ڪيو پيو وڃي، جيئن شھرين کي بنا ڪنھن ڏکيائيءَ جي سرڪاري اگھن تي گئس ملي سگھي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ سپلاءِ چين کي جاري رکڻ لاءِ وقت سر وڌيڪ درامد تي بھ ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏھن تھ واھپيدارن کي بھ اپيل ڪئي وئي آھي تھ ھو توانائيءَ جي بحران کان بچڻ لاءِ گئس جي زيان کي روڪين ۽ احتياط کان ڪم وٺن.