اسلام آباد:
چائلڊ پورنوگرافي ۾ ملوث ھجڻ جي الزام ھيٺ گرفتار جوابدار شعيـب خان بابت جاچ دوران اھم انڪشاف سامھون آيا آھن. اختيارين موجب جوابدار ھڪ سنگين ۽ غير قانوني ڏوھھ ۾ ملوث رھيو آھي.
پوليس جاچ موجب، شعيـب خان کي چائلڊ پورنوگرافي مواد تيار ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جي الزامن تحت گرفتار ڪيو ويو آھي. پوليس جو چوڻ آھي تھ جوابدار خلاف اھم ۽ ٺوس ثبوت ھٿ ڪيا ويا آھن، جن جي بنياد تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. واقعو سامھون اچڻ بعد مقامي توڙي فڪري حلقن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي واري لھر پکڙجي وئي آھي.
شھرين جو چوڻ آھي تھ اھڙا شرمناڪ واقعا سماج لاءِ انتظامي ۽ اخلاقي طور تي وڏو خطرو آھن. پوليس موجب ان نيٽورڪ ۾ شامل ٻين ممڪن سھولتڪارن ۽ ماڻھن جو پتو لڳائڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏھن تھ اعليٰ اختيارين جو چوڻ آھي تھ معاملي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.
ٻئي پاسي سماجي تنظيمن پاران بھ ھن معاملي تي سخت ردعمل ظاھر ڪيو ويو آھي. تنظيمن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي تھ اھڙي قسم جي ڪڌن ڏوھن کي ٻارينديءَ روڪڻ لاءِ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ملوث ماڻھن کي سخت ترين سزائون ڏنيون وڃن.