اسلام آباد:
نارووال اسپورٽس سٽي منصوبي جي معاملي تي مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال پنھنجي جيل واري تجربي تي ڳالھائيندي چيو آھي تھ کيس اڍائي مھينا بنا ڪنھن ڏوھھ جي قيد ۾ رکيو ويو. ھن چيو تھ ھڪ قومي ترقياتي منصوبي کي سياسي بنيادن تي نشانو بڻائي تباھھ ڪرڻ ملڪ جي اسپورٽس پاليسي ۽ ترقيءَ تي ھڪ وڏو سواليھ نشان آھي.
مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال پنھنجي بيان ۾ واضح ڪيو تھ نارووال اسپورٽس سٽي ھڪ انتھائي اھم منصوبو ھو، جنھن جو مقصد پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جون راندين جون سھولتون فراھم ڪرڻ ھو. ھن الزام لڳايو تھ رڳو سياسي دشمنيءَ جي بنياد تي ان ميگا پروجيڪٽ کي روڪيو ويو ۽ کيس ڪوڙي ڪيس ۾ جيل اماڻيو ويو.
احسن اقبال چيو تھ قيد دوران کيس ڪيترين ئي ڏکيائين ۽ چيلنجن کي منھن ڏيڻو پيو، پر سندس حوصلو ۽ عزم نھ ٽٽو. سندس چوڻ ھو تھ ھي منصوبو ملڪ جي نوجوانن لاءِ نوان رستا کولي سگھي پيو، جتي عالمي معيار جا گرائونڊز ۽ ٽريننگ جون سھولتون مھيا ڪيون ويون ھيون.
ھن وڌيڪ چيو تھ راندين واري شھر جي جوڙجڪ رڳو ھڪ عمارت نھ ھئي، پر نوجوانن کي صحتمند ۽ مثبت سرگرمين طرف آڻڻ جو ھڪ واضح ويزن ھو. ھن منصوبي جي بحاليءَ سان ملڪ ۾ راندين جي ثقافت کي نئون ساھھ ملندو.
احسن اقبال پنھنجي عزم جو اظھار ڪندي چيو تھ ھو ھن قومي منصوبي کي مڪمل ۽ بحال ڪرائڻ لاءِ ھر ممڪن جاکوڙ جاري رکندو، ڇاڪاڻ تھ جديد راندين جو بنيادي ڍانچو ئي پاڪستان جي نئين نسل جو مستقبل محفوظ بڻائي سگھي ٿو.