لاهور: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جناح هائوس ۽ ٻين فوجي جڳهين تي حملو ڪندڙ ڪيترن ئي شرپسندن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب شرپسندن ۾ دانش منير، سعود، عدنان، فاروق زمان، علي حسن، چوڌري مسعود ۽ ٻيا شامل آهن.شرپسندن جي سڃاڻپ جو سلسلو جاري آهي. جناح هائوس ۾ باهه، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، قيمتي شيون ۽ دستاويز چوري ڪندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ اچي ويو آهي. هينئر تائين ڪيترن ئي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جن ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ باهين، گهيراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه جي پرتشدد ڪاررواين ۾ حصو ورتو.شرپسندن خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن. پر تشدد ڪاررواين ۾ ملوث شرپسند بارودي مواد، ڏنڊن، پٿرن ۽ پيٽرول بمن سان ليس هئا. ان سان گڏ ڪجهه اهڙا ماڻهو جنهن ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ملڪي ملڪيتن کي نقصان پهچايو اهي به قانون جي گرفت ۾ اچي رهيا آهن.