بريڊ برن کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب گرانٽ بريڊ برن کي 2 سالن لاءِ پاڪستان ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.گرانٽ بريڊ برن نيوزيلينڊ خلاف ٿيل سيريز ۾ ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون نڀائي هئي ۽ اها سيريز پاڪستان چار هڪ تان پنهنجي نالي ڪئي هئي.گرانٽ بريڊ برن ان کان اڳ 2018ع کان 2020ع تائين پاڪستان ٽيم جو فيلڊنگ ڪوچ رهي چڪو آهي، جنهن بعد هن قومي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ به خدمتون انجام ڏنيون هيون.نيوزيلينڊ سان واسطو رکندڙ بريڊ برن اسڪاٽ لينڊ جو هيڊ ڪوچ به رهي چڪو آهي.ٻئي پاسي بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پٽڪ سان به 2 سالا معاهدو ڪيو ويندو.ذريعن موجب اينڊريو پٽڪ به ذميواريون نڀائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچ جي ڳولا ۽ مقرريءَ جي حوالي سان طريقي ڪار جاري آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته بريڊ برن کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.هن چيو ته هو انتهائي تجربيڪار ڪوچ آهي، جيئن ته هو ان کان پهريان به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان سلهاڙيل رهيو آهي، تنهن ڪري هو اسان جي ڪلچر کي ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو.