9 مئي واقعا: آرمي چيف جو ردعمل سامهون اچي ويو

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي تي مڇريل ماڻهن، انهن کي اڪسائڻ ۽ عمل ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور هيڊ ڪوارٽرز پشاور جو دورو ڪيو، جتي کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف ڪور آفيسرن سان خطاب ڪندي چيو ته اسان امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.هن قومي سلامتي کي پيش خطرن تي روشني وجهندي چيو ته امن ۽ استحڪام جي عمل کي خراب ڪندڙن جي ڪا جاءِ ناهي، پاڪ فوج جي ملڪيتن جي تقدس جي ڀڃڪڙي جي وڌيڪ ڪا ڪوشش برداشت نه ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته 9 مئي (ڪاري ڏينهن) جي ڪارروائين جي سڀني منصوبي سازن، مڇريل ماڻهن، انهن کي اڪسائيندڙن ۽ عمل ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.آرمي چيف انفارميشن وار فيئر ۽ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته دشمن عنصرن طرفان هٿياربند فوجن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عوام جي سهڪار سان اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين.