ملڪ: ۾ ٻه ڏينهن گهٽتائي کانپوءِ اڄ وري سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا واڌ ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 3200 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 34 هزار رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 2 هزار 43 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 617 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر واڌ سان 2010 ڊالر في اونس آهي.