ڪراچي: فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب گلشن سرجاني ۾ ڪار تي نامعلوم ماڻهن طرفان فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا. مقتول پاڻ ۾ دوست هئا. جن جي سڃاڻپ نسيم جاويد جڏهن ته ٻئي جي بابر نالي سان ٿي آهي. واقعو ڦر دوران مزاحمت جو لڳي رهيو آهي.پوليس موجب بلديه گلشن غازي ۾ ڏير جي فائرنگ سبب نورين بي بي نالي عورت مارجي وئي. واردات کان پوءِ جوابدار رفاقت موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس گهر مان قتل ۾ استعمال ٿيندڙ پستول هٿ ڪري ورتي.ريسڪيو موجب ڊفينس فيز 6 خيابان بلال ۾ عربي محل ويجهو عورت گهر ۾ پسٽل صاف ڪندي اتفاقيه گولي لڳڻ سبب عورت فوت ٿي وئي. مقتوله جي سڃاڻپ 24 سالن جي صفيه نالي سان ٿي آهي.پوليس موجب ملير 15 ۾ ٻڪڙا پڙي ويجهو صاحب داد ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ سبب ارسلان نالي نوجوان مارجي ويو.فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو. جوابدار علي رضا، مقتول ارسلان جو دوست آهي. پوليس موجب سهراب ڳوٺ سنڌي سوسائٽي ويجهو مبينه پوليس مقابلي کان پوءِ سلطان نالي ڦورو کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو.هوڏانهن سچل ڳوٺ ۾ سيد چوڪ ويجهو فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پرويز نالي ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار پرويز ان کان اڳ 6 ڀيرا جيل وڃي چڪو آهي.