صوبائي لون جي اعلان

پنجاب حڪومت پاران زرعي قرضن جو اعلان: 1 ڪروڙ رپين تائين بنا وياج (زيرو مارڪ اپ) قرض ملندو

اسلام آباد: پنجاب حڪومت پاران زرعي شعبي جي بھتري لاءِ ھڪ اھم قدم کڻندي، وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز ھارين لاءِ 1 ڪروڙ رپين تائين بنا وياج (زيرو مارڪ اپ) قرض ڏيڻ جو باضابطھ اعلان ڪيو آھي. مريم نواز جو ھي فيصلو صوبي اندر زرعي ترقي ۽ ھارين جي مالي خودمختياري لاءِ ھڪ وڏو ۽ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
زرعي ترقي واري ويزن تحت وزير اعليٰ پنجاب صوبي جي مختلف علائقن مان آيل ننڍن، وچين توڙي وڏن ھارين ۽ زميندارن جي نمائندن سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ھن ھارين جون تجويزون، مسئلا ۽ سفارشون غور سان ٻڌيون ۽ انھن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي پڪ ڏياري.
مريم نواز چيو تھ ملڪ جي معيشت ۾ زراعت جو بنيادي ڪردار آھي، تنھنڪري ھارين ۽ زراعت جي شعبي کي سگھارو بڻائڻ لاءِ حڪومت ھر ممڪن سھولت فراھم ڪندي. ھن منصوبي تحت آبادگارن کي بنا ڪنھن وياج جي مالي مدد فراھم ڪئي ويندي، جنھن سان جديد ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي مشينري حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، جنھن جي نتيجي ۾ فصلن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ ٿيندي.
صوبائي حڪومت جو ھي فيصلو نھ رڳو زراعت جي شعبي ۾ نئين سرمايھ ڪاري جا دروازا کوليندو بلڪھ ملڪي معيشت کي بھ سھارو ڏيندو، جڏھن تھ ان سان ھارين کي جديد زراعت اپنائڻ ۽ پنھنجي معاشي حالت بھتر بڻائڻ جا بھترين موقعا ميسر ايندا.