پاڪستان :تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان محمودالرشيد کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ميان محمودالرشيد جي گهر ڀاتين تصديق ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ کي گذريل رات گرفتار ڪيو ويو هو. اڳوڻي صوبائي وزير ميان محمودالرشيد کي ڳجهي هنڌ تان گرفتار ڪيو ويو.ذريعن موجب ميان محموالرشيد کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. ميان محموالرشيد خلاف قتل، دهشتگردي جهڙن سنگين قلمن تحت سرور روز ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.