تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ جنرل هيڊ ڪوارٽر(جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي تي حملو ڪندڙن جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.9 مئي جي ڏينهن عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ايڇ ڪيو گيٽ تي ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي جن جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب پرتشدد مظاهرن ۾ شامل 4 عورتن سميت 14 ڄڻن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. سڃاڻپ ڪيل 9 ماڻهن جو تعلق راولپنڊي، 3 جو اسلام آباد، هڪ جو ڪراچي ۽ هڪ جو چڪوال سان آهي.ذريعن موجب پرتشدد مظاهرن ۾ شامل 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ان سان گڏ ئي حڪومتي ۽ دفاعي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي گرفتارين جو عمل تيز ڪيو ويو آهي.