سکر: ٺري ميرواه جي رهواسي آبادگارن ڊاڪٽر ماجد علي چيمه , نجم الدين ٻانڀڻ , شاهد چيمه ,بشير علي ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال پيل برساتن جو پاڻي اڃا تائين بيٺل آهي اسان 42 پٽيشنرز پاران فيبروري ۾ سنڌ هائي ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي هر حاضري تي ٽنڊو مير علي , ڏيپارجه ۽ ٺري ميرواه , محرابپور , پير وهيل سميت ٻين علائقن مان ايندا آهيون پر هن مهل تائين انصاف ناهي مليو اسان جي عام پٽيشن ناهي اسان جا تمام گهڻا نقصان ٿيا آهن هنن چيو ته آگسٽ 2022 ۾ برساتون ٿيون آهن پر هن مهل تائين پاڻي بيٺل آهي هنن چيو ته ٻج ۽ ڀاڻ جي ورهاست لاء سروي ڪرائي وئي پر ان جو آبادگارن کي ڪو فائدو ناهي مليو هنن چيو ته علي بحر واه سميت ٻين واهن ۽ ڪئنالن کي گهارا پيا ۽ سم نالن مان پاڻي اوور فلو ٿيو سيٺارجا مان گذرندڙ سم نالي جو پاڻي ٺري ميرواه , سوڀو ديرو ۽ ڪوٽڏيجي جا علائقه متاثر ٿيا هنن چيو ته حيات شيخ کي او پي ايس تي پي ڊي اسڪارپ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن هن وقت تائين پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو هنن چيو ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڄ به تيرنهن فوٽ پاڻي بيٺل آهي هنن چيو ته حيات شيخ مڪينيڪل انجنيئر آهي ان جو ڪم مڪينيڪل جا مسئلا ڏسڻ گهرجن هنن چيو ته برساتن جي ڪري مک شاهراهن جي پاسن کان مٽي به نڪري وئي آهي برسات دوران ايمرجنسي ۾ ڪوڀري مائينر جي بند تي پناه ورتي جن کي خيمه ۽ کاڌ ۽ ٻيون سهولتون نه ڏنيون ويون هنن اسان جي زمينن جا کاته به ڪينسل ڪري ڇڏيا آهن هنن چيو ته سنڌ هن ملڪ جي پڇڙي وارو علائقو آهي جتان پاڻي جو گذر ٿيندو هنن چيو ته هن مهل تعليم صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتون کان وڌيڪ اهم اتان جي رهواسين جا گهر ۽ معيشت بچائڻ آهي هنن چيو ته ڪلهه پرائيويٽ ٻيڙي ذريعي سروي ڪيو پي ڊي ايم اي جو ڪو به ڪردار نظر نٿو اچي پاڻي هميشه اتر کان ايندو ۽ ڏکڻ طرف نيڪال ٿيندو آهي پر هي اولهه طرف پاڻي ڪڍي رهيا آهن هنن چيو ته سنڌ سطح تي قابل سول انجنيئرز تي ٻڌل ٽيم جوڙي وڃي جيڪي مستقل بنيادن تي مسئلي جو حل ڪڍين هنن چيو ته اسان کي هن وقت تائين ڪٿان ڪو رليف ناهي مليو اسان مجبور ٿي ڪري هتي پهتا آهيون اسان خاموش ويھڻ وارا ناهيون سنڌ جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف سپريم ڪورٽ تائين وڃي سندن گهيرو تنگ ڪنداسين۔