سکر: مائڪرو ڪالوني جي علائقي شھباز ڪالوني 2 نزد گلشن اقبال جي رھواسين بااثر بلڊر گل حسن ابڙو

سکر: مائڪرو ڪالوني جي علائقي شھباز ڪالوني 2 نزد گلشن اقبال جي رھواسين بااثر بلڊر گل حسن ابڙو ۽ اي ايس آء قربان ڪلوڙ جي مبينا پلاٽن تي قبضي ۽ گندي پاڻي جو نيڪال گھرن ۾ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي خدمت علي نصيراڻي ولي محمد لغاري وحيد علي مھر دانھيندي چيو آھي ته نيو پنڊٿاڻي تي سالن کان وٺي مقرر ٿيل اي ايس آء قربان ڪلوڙ بلڊر گل حسن ابڙو سان گڏجي سرڪاري ميونسپل جي گندي پاڻي واري کڏ تي قبضو ڪري ان مان گندو پاڻي موٽر مشينن ذريعي نيڪال ڪراءي اھو پاڻي اسان جي گھرن ڏانھن منتقل ڪري ٿو ھنن چيو ته بلڊر ۽ پوليس قبضن ڪرڻ ۾ ٻٽ بڻيل آھي غريبن کي تنگ ڪري سستي اگھن تي پلاٽ خري ڪري رھيا آھن ھنن علائقي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته گندو پاڻي نيڪال گھرن ڏانھن ڪرڻ سبب اسان جي گھرن اندر بدبوء پکڙجڻ ڪري مختلف خطرناڪ ۾ بيماريون پکڙجڻ شروع ٿي ويون آھن اسان جا معصوم ٻارڙا پيرسن بيمار ٿي پيا آھن گندي پاڻي جي نيڪال جي من ڪرڻ تان نيو پنڊ ٿاڻي جو اي ايس آء بلڊر جي سرپرستي ڪندڙ قربان ڪلوڙ ۽ گل حسن ابڙو اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏءي رھيا آھن ھنن بلديات جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ کان مطالبو ڪيو آھي ته بلڊ جي سرپرستي ڪندڙ اي ايس آء بااثر بلڊر خلاف ڪاروائي ڪرن جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراھم ڪري انصاف ڪيو وڃي۔