سکر: نوجوان وڪيل ظفر علي شاهه جي پراسرار گمشدگي جو ڪيس داخل، وڪيلن جو احتجاج

سکر: نوجوان وڪيل ظفر علي شاهه جي پراسرار گمشدگي جو ڪيس داخل، وڪيلن جو احتجاج، عدالت ۾ درخواست داخل، عدالت جو سکر پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظھار، وڪيل ظفر علي شاهه هڪ ڏينهن کانپوءِ عدالت پهتو. عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو ويو، عدالت سمورو واقعو رڪارڊ ڪري ورتو، رپورٽ طلب ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڪيلن خوشي جو اظهار ڪيو، مون کي پوليس موبائل ۾ ويٺي نامعلوم هنڌ قيد ڪيو ويو ۽ آزاد ڪيو ويو. عدالتي مداخلت تي ظفر علي شاهه تفصيل موجب سکر جي نوجوان وڪيل سيد ظفر علي شاهه گذريل ڏينهن آدم شاهه ڪالوني مان مبينا طور گم ٿي ويو هو، جنهن تي وڪيل برادري پاران سيشن ڪورٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڌرڻو هنيو ويو. وڪيل جي ڀاءُ اشفاق علي شاهه پاران ڦڦٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته رات دير سان اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گشت ڪري رهي هئي جنهن دوان سندس ڀاء ظفر علي شاھ کي کڻي وڃڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آھي عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي سکر، ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻي ۽ ڊي آءِ بي جي انچارج کي طلب ڪري نوجوان وڪيل کي فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو۔ عدالت جي حڪم کانپوء وڪيل ظفر علي شاهه سيشن ڪورٽ پهتو ۽ عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مان گهر ٻاهران بيٺو هوس ته رات جو پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي. مون کي موبائيل وين ۾ وجهي اکين تي پٽيون ٻڌي اڻڄاتل هنڌ تي وٺي ويا، اڄ شڪارپور ويجهو کيس آزاد ڪندي رستي ۾ ڇڏيو آھي ۔مون کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي، عدالت لاڳاپيل آفيسرن کي واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ عدالت ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.