سکر:مبينه اغوا ٿي ويل گهر ڀاتين جي بازيابي لاء ٻٻرلوباء پاس مگسي ڪانٽي پويان رهندڙ صدورو ڪلهوڙي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته 6رمضان شريف تي صبح جو چئين وڳي نامعلوم ماڻهن گهر مان سندس گهر واري نسرين ۽ ٽن ڌيئرن رومان۔طيبه ۽ ايمان کي اغوا ڪري اڻڃاتل هند رکيو آھي مغوي گهر ڀاتين جي بازيابي لاء ٻٻر لوء ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ سميت ايس ايس پي خيرپور کي درخواست ڏني آھي پر پوليس کين بازياب ڪرائڻ ۾ سنجيدا ناهي صرف آسرا ڏين پيا وڏي نياڻي اکين کان به نابين آھي جڏهن ته هن وقت تائين اغوا ڪندڙن رابطو به ناهي ڪيو پاڻ به ڪافي ڳولها ڪئي آھي پر ڪو به ڏس پتو نه ٿو پوي صدوري ڪلهوڙو جوچوڻ آهي ته گداگري (پني)ڪري پهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ گزارو ڪندو آھي پر گهر ڀاتين جي اغوا بعد هو اڪيلو ٿي ويو آھيان ٻچن جي جدائي سبب سخت پريشاني جو شڪار آھيان۔هن لاڳاپيل اختيارن کان گهر ڀاتين کي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي۔