ڪراچي :جو ميئر جيالو ئي هوندو: صوبائي وزير

ڪراچي: پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بلاول جي دعويٰ پوري ٿيندي، ڪراچي جو ميئر جيالو ئي ٿيندو.نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته عددي لحاظ سان پ پ جا نمبر وڌيڪ آهن، اخلاقي طور جنهن جماعت وٽ عددي اڪثريت هجي، ميئر ان جو ئي ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ميئر جنهن جماعت جو به هجي، اختيار هڪ جهڙا ئي هوندا، اسان ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، بلاول جي دعويٰ پوري ٿيندي، ڪراچي جو ميئر جيالو ئي هوندو.