فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ آڊيو ليڪس جڊيشل ڪميشن تي عمران خان جو ردعمل

حڪومت طرفان عدليه جي حوالي سان ٿيندڙ آڊيو ليڪس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ تي عمران خان جو ردعمل سامهون آيو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن جي ضابطن ۾ ڪجهه شيون ڄاڻي واڻي ڇڏيون ويون، انڪوائري ڪميشن ۾ اهو نطقو نه رکيو ويو ته وزيراعظم هائوس جي غير آئيني جاسوسي ۾ ڪير ملوث آهي؟ انڪوائري ڪميشن ۾ اهو نه پڇيو ويو ته حاضر سروس ججن جي غير آئيني جاسوسي ۾ ڪير ملوث آهي؟هن چيو ته انڪوائري ڪميشن کي ان انويسٽيگيشن جو اختيار هجڻ گهرجي ته عوامي عهديدارن سميت شهرين جا ٽيلي فون ڪهڙا طاقتور عنصر رڪارڊ ڪن ٿا؟ انهن جا ٽيلي فون رڪارڊ ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 14 تحت حاصل پرائيويسي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، فون ڪال ٽيمپرنگ، فون ٽيپنگ سان غير قانوني حاصل ڊيٽا ليڪ ڪندڙن کي به ذميوار قرار ڏنو وڃي