چيف جسٽس سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي اهم ملاقات

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن اهم ملاقات ڪئي ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي وڏي مالقات ٿي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن ملاقات ڪئي.ذريعن موجب ججن وچ ۾ ملاقات ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ملاقات ۾ موجود نه هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن سميت ٻين قانوني ۽ آئيني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.