آڊيو ليڪس جاچ: عمران خان جوڊيشل ڪميشن کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ بنجندڙ جوڊيشل ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وڪيل بابر اعواڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ قانون، انصاف، گهرو وزارت کي ڌر بنايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي اجازت کان سواءِ جوڊيشل ڪميشن نٿي جوڙي سگهجي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به جج کي نامزد نٿو ڪري سگهجي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڪنهن جج جي خلاف جاچ يا ڪارروائي جو فورم صرف سپريم جوڊيشل ڪائونسل آهي هن حڪومت جي هوندي آڊيو ٽيپ ٿينديون رهيون آهن اهو به جاچ عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ته ڪنهن اها آڊيو ٽيپ ڪئي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي 1999 جي ججمينٽ کي فالو ڪندي ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏئي جيڪو آڊيو ليڪس جي منصفانه ۽ شفاف جاچ ڪري جڏهن ته هن جوڊيشل ڪميشن جي قيام واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.