سکر:هائيويزايمپلائيز يونين سي بي اي سنڌ سکر پاران مطالبن جي مڃتا لاء ڪيل احتجاج جو ڏيک

سکر:هائيويز ايمپلائيز يونين سي بي اي سکر سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاء ڊويزنل آفيس سکر مان احتاجي ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ روڊس آفيس ٻاهران مظاهرو ڪري مطالبن جي حق ۾ نعري بازي ڪئي ريلي جي اڳواڻي ڊويزنل صدر سکر غلام شبير ڀٽو۔ڊويزنل جنرل سيڪريٽري سکر زاهد حسين لاشاري۔جنرل سيڪريٽري سنڌ يونائيٽيڊ پيپلز ليبر الائنس ورڪس اينڊ سروسز سنڌ نياز حسين شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ۔ريلي ۾ شامل ملازمن جي هٿن ۾ بينر هئا جن مٿان مطالبن وارا نعرا لکيل هئا۔ان موقعي تي اڳوڻن زاهد حسين لاشاري۔غلام شبير ڀٽو۔نياز حسين شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڊسٽرڪٽ روڊس ۽ هائيويز ۾ مختلف جاين تي برٿين لاء انٽرويو ورتا پيا وڃن نوڪريون ڏيڻ سٺو قدم آھي پر کاتن جي چيف آفيسرن بجاء ۔ڊي سي۔ جي نگراني ۾ انٽرويو ڪرڻ وارو عمل غلط آهي ڇا هائيويز ۽ ٻين کاتن ۾ اهل آفيسر ناهن جو ڊپٽي ڪمشنر جي نگراني ۾ انٽرويو ورتا پيا وڃن۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت يونين سان لکت ۾ معاهدو ڪيو هو ته 25 سيڪڙو نوڪرين ۾ يونين کي ڪوٽا ڏني ويندي جيڪي نوڪريون ملازمن جي اولادن کي ڏينداسين پر سنڌ حڪومت ڪيل معاهدي تي عمل ڪرڻ بجاء ڊپٽي ڪمشنر جي نگراني ۾ انٽريو وٺن بعد من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون جيڪو عمل ميرٽ جي لتاڙ آهي ۔اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن يونين سان ڪيل معاهدي تي عمل نه ٿيو ته ٻي صورت ۾ سخت ڪرڻ سميت عدالت جو درازو کڙڪايو ويندو۔ريلي ۾ غلام نبي لاشاري۔جاويد احمد وساڻ۔بشير احمد ٻرڙو۔علي مردان شيخ۔علي ڏنو مري۔اقبال حسين لاشاري۔عبدالسميع جوڻيجو۔الله بخش شيخ۔شڪيل احمد ٻگھيو۔حسين بخش ابڙو۔غوث بخش شيخ ۽ ٻيا پڻ ريلي ۾ شامل هئا