سکر : پنو عاقل لڳ ڳوٺ عيدن خان ڀٽار جي رهواسي مسمات نور بانو ڀٽار ٻارن سان گڏ برادري جي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار رسول بخش ، امير بخش، الله بخش ۽ ٻين سان اسان جو تڪرار 25 سالن کان هلندڙ آهي، معزز شخصيتن جي مداخلت باوجود جوابدار فيصلي لاءِ تيار نه آهن ۽ گذريل 25 سالن کان جوابدارن اسان جي مٿان ظلم جا جبل ٽوڙي ڇڏيا آهن. انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيا آهيون،در در انصاف لاء ڌڪا کائڻ باجود انصاف ناهي مليو ۔جڏهن ته پوليس به جوابدارن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، اسان غريب ماڻهو آهيون بااثر ماڻهن سان وڙهڻ نٿا چاهيون،احتاج ۽ داهڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، عورت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.