سنڌ:هاءڪورٽ سکر بئنچ ۾ گهوٽڪي واسي پاران پرائمري اسڪول. روڊ رستن ۽ ڊسپينسري جي خراب صورتحال بابت درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت سيڪريٽري تعليم. سيڪريٽري صحت. ڊپٽي ڪمشنر. شوگر ملز انتظاميه کي 8 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گهوٽڪي جي ڳوٺ ڪريم ڏنو گهوٽو واسي اسد الله گهوٽو پاران وڪيل عبيد الله ڀٽو معرفت سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته علائقي جي چئن يونين ڪائونسلن محمد پور. حسين ٻيلي. محمد خان گهوٽو ۽ جمال يونين ڪائونسل جي 84 هزار آبادي آهي جتي 2 هاء اسڪول آهن ۽ ڳوٺ ڪريم ڏنو گهوٽو پرائمري اسڪول جي حالت انتهائي خراب آهي جتي 130 شاگرد ۽ شاگردياڻيون گڏجي پڙهن پيا ان اسڪول جي عمارت زبون حال آهي فرنيچر نه هجڻ ڪري ٻارڙا پٽ تي تڏا ويڇائي تعليم پرائن پيا ۽ مڊل اسڪول محمد خان گهوٽو 1971 ۾ تعمير ٿيل آهي صحت کاتي جي ڊسپينسري جي به حالت خراب آهي سهولتن جي کوٽ آهي درخواستگذار درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته 5 شوگر ملون جي ڊبليو. ٿري شوگر مل. سردار غلام محمد مهر. ولو مهر. الائينس شوگر مل. ڏهرڪي ڪمون شهيد شوگر مل ۽ جي ڪي کنڀڙا شوگر مل انتظاميه ڪمند جي مد ۾ ٽريڪٽر ٽرالين ۽ ٽرڪن کان اوڳاڙي ڪري ڊپٽي ڪمشنر کي روڊ رستن جي مد ۾ پئسا ڏئي پئي ان باوجود سردار خان گهوٽو کان ڳوٺ ڪريم ڏنو گهوٽو روڊ جي خراب حالت هجڻ باوجود هن مهل تائين تعمير ناهي ڪرايو ويو جڏهن ته درخواستگذار اسد الله گهوٽو عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته پرائمري اسڪول ڪريم ڏنو گهوٽو جي زبون حالت عمارت ٺهرائي فرنيچر ۽ گهربل سهولتون فراهم ڪيو وڃن ۽ نياڻين لاء گرلس اسڪول ڌار ڏنو وڃي ۽ مڊل اسڪول کي هاء اسڪول جو درجو ڏئي ڊسپينسري ۾ دوائون ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن درخواستگذار موجب مهيسرو واهه آرڊي چار تي پل تعمير ڪرائي روڊ رستا ٺهرائي ڏنا وڃن اتان جا رهواسي بنيادي سهولتن کان نظرانداز سبب سخت پريشان آهن اهڙي درخواست جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي وڪيل عبيدالله ڀٽو موجب عدالت سيڪريٽري تعليم. سيڪريٽري صحت. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي. شوگر ملز انتظاميه ۽ واسطيدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 8 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.