سکر : بشير آباد جي رهواسي ٽائون ڪميٽي نثار صديقي جي وائس چيئرمين اميدوار ذوالفقار علي کوسو۔علي گوهر کوسو ۽ شوڪت کوسو  سان گڏ سکر پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي

سکر : بشير آباد جي رهواسي ٽائون ڪميٽي نثار صديقي جي وائس چيئرمين اميدوار ذوالفقار علي کوسو۔علي گوهر کوسو ۽ شوڪت کوسو  سان گڏ سکر پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سندس سوٽ عبدالغني کوسو ۽ ان جا پٽ عاطف ۔منصور زمين جي ماپ ٿيڻ بعد پهنجي حصي جي زمين تي اڏاوت ڪرڻ دوران پسٽل جابٽ هڻي زخمي ڪيو ۽ لکين روپيا به ڦر ڪيا واقعي جي ايف آء آرداخل ڪرائڻ ٿاڻي تي ويس ته ايس ايڇ او کي به ڌمڪيون ڏيندي سندس ڌيء شاعستاکوسو پوليس آفيسر سان بد اخلاقي ڪئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ذوالفقار علي سان گڏ ويٺل عبدالغني کوسو جي ننڍي ڀاء علي گوهر کوسو ٻڌايو ته وڏو ڀاء هجڻ ڪري منهنجي حصي جي زمين ۽ملڪيت به ڦٻائي آھي۔ذوالفقار کوسو الزام هنيو ته سماجي اڳواڻ شاعستا کوسو قبضا مافيا آھي پنو عاقل ۾ به زمينن تي قبضا ڪيا آھن اسٽيپ فائونڊيشن جي جتي آفيس ٺاهي آھي اها به قبضي جي جڳھ آھي ۔زيرڪ شاھ جو نالو ڇو پيو ورتو وڃي زيرڪ شاھ جو ان مسئلي سان ڪوبه تعلق ناهي۔شاعستا کوسو بليڪ ميلنگ ڪندا آھن۔عبدالغني ۽ سندس ڌيء سياسي لوٽا آھن۔ شاعستا پيء عبدالغني کي سپورٽ ڪندي آھي جڏهن ته منصور کوسو جو ڪم جعلي کاتا ٺھرائي زمينن ۽ پراپرٽي تي قبضا ڪرڻ آھي غريب طالب کوسو ۔غلام مصطفي کوسو ۔شوڪت کوسو جي زمينن تي به قبضا ڪيا آھن غريب هجڻ ڪري هو خاموش آھن۔9 ايڪڙ منهنجي حصي جي آھي جڏهن ته هنن جي حصي واري زمين تي پلاٽنگ ڪري رهيا آھن جنهن ۾ ڪجھ سرڪاري زمين تي به قبضو ڪيو آھي۔